بخش علي لاکو

بخش علي لاکو

بخش علي لاکو

بخش علي لاکو: مشهور سماج سڌارڪ، بخش علي لاکو، مهر علي لاکي جو فرزند آهي. سندس جنم 15 ڊسمبر 1941ع تي، ڳوٺ لاکا وڏا، تعلقي گنبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٺٽيءَ (تعلقي گنبٽ) ۾ ورتائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گنبٽ مان ڪيائين. ان کان پوءِ حيدرآباد آيو، جتان سچل سرمست ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان بي. ڪام ڪيائين. ان کان پوءِ 1963ع ۾ انٽر چارٽرڊ اڪائونٽنسي لاهور مان پاس ڪيائين. لاکي وڏو عرصو انڊسٽريز ۽ ڪمپنين ۾ نوڪري ڪئي. 1998ع کان احمد ويجيٽيبل آئل ائنڊ ملز سکر ۾ جنرل مئنيجر جي عهدي تي ڪم ڪري 2001ع ۾ رٽائر ڪيائين. هو سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن جي بنياد وجهندڙن مان آهي. سگا جو 1972ع کان فنانس سيڪريٽري ۽ 1994ع کان 2000ع تائين چيئرمئن رهيو. اهڙيءَ طرح لاکا ويلفيئر ائسوسيئيشن، پاڪستان ريڊ ڪرسينٽ کان سواءِ ٻين ڪيترن ادارن جو ميمبر ٿي رهيو. لاکو صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس اسٽڊيز جو اعزازي وزٽنگ پروفيسر به آهي. مهراڻ ايڊيويڪيشن فائونڊيشن جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمئن پڻ رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.12.15  عيسوي

مشهور سماج سڌارڪ ، بخش علي لاکو ، مهر علي لاکي جو فرزند آهي . سندس جنم 15 ڊسمبر 1941ع تي ، ڳوٺ لاکا وڏا ، تعلقي گنبٽ ، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايگزيڪيوٽو
الهڏتو وگهيو
ڀٽو آمنه بيگم
سيد غوث علي شاهه
جادم مڱريو
ڄيٺا لال ايسراڻي ’نريش‘
ڀائي مردانا
رابرٽ ليچ
دائودپوٽو محمد مبارڪ خان عباسي ثاني
ڏاسواڻي چندر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون